77:1 | وڻندڙن لڳندڙن ھيرُن جو قسم آھي |
77:2 | پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي |
77:3 | ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي |
77:4 | پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي |
77:5 | پوءِ وحي آڻيندڙ ملائڪن جو قسم آھي |
77:6 | (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي آڻيندا آھن) |
77:7 | تہ بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو، سا ضرور ٿيڻي آھي |
77:8 | پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا |
77:9 | ۽ جڏھن آسمان چيربو |
77:10 | ۽ جڏھن جبل اُڏائبا |
77:11 | ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا |
77:12 | (تڏھن ثابت ٿيندو تہ پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو؟ |
77:13 | فيصلي جي ڏينھن لاءِ |
77:14 | ۽ تو کي ڪھڙيءَ شئي ڄاڻايو تہ فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي؟ |
77:15 | اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:16 | پھرين کي ھلاڪ نہ ڪيو اٿئون ڇا؟ |
77:17 | وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون |
77:18 | ايئن ڏوھارين سان ڪندا آھيون |
77:19 | اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:20 | اوھان کي خسيس پاڻيءَ مان نہ بڻايو اٿئون ڇا؟ |
77:21 | پوءِ اُن (پاڻيءَ) کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون |
77:22 | ھڪ مقرر وقت تائين |
77:23 | پوءِ (کيس) پورو بڻايوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون |
77:24 | اُُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:25 | زمين کي ماپائڻ واري نہ ڪئي اٿئون ڇا؟ |
77:26 | (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي) |
77:27 | ۽ زمين ۾ وڏا پڪا جبل (پيدا) ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون |
77:28 | اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:29 | (چيو ويندو تہ ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئو، تنھن ڏانھن ھلو |
77:30 | (چئبن تہ) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن ھلي پئو |
77:31 | نہ ٿڌي (ڇانوَ) ھوندي ۽ نہ (باھ جي) تَوَ کان بچائيندي |
77:32 | بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي |
77:33 | ڄڻ تہ اُھي ھيڊا اُٺ آھن |
77:34 | اُُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:35 | اُِھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نہ ڳالھائيندا |
77:36 | ۽ نڪي کين موڪل ڏبي تہ (ڪو) عذر (بيان) ڪن |
77:37 | اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:38 | ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون |
77:39 | پوءِ جيڪڏھن اوھان کي ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻي آھي تہ منھنجي حق ۾ رٿيو |
77:40 | اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:41 | بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا |
77:42 | ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا |
77:43 | (چئبن تہ) چڱا ڪم ڪندا ھئو، تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو |
77:44 | بيشڪ اسين نيڪن کي ايئن بدلو ڏيندا آھيون |
77:45 | اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:46 | (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ! دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ مزا ماڻي وٺو، بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو |
77:47 | اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:48 | ۽ جڏھن کين چئجي تہ نماز پڙھو (تڏھن) نماز نہ پڙھندا آھن |
77:49 | اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آھي |
77:50 | پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙيءَ ڳالھ سان ايمان آڻيندا؟ |