15:1 | الٓرٰ، ھي آيتون (ھن) ڪتاب ۽ چِٽي قرآن جون آھن |
15:2 | ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا تہ جيڪر مُسلمان ھُجون ھا! |
15:3 | (اي پيغمبر!) کين ڇڏي ڏي تہ (دُنيا ۾) کائين ۽ (لذتن ۾) مزا ماڻي وٺن ۽ کين اميد غافل ڪري ڇڏي ۽ پوءِ سگھوئي ڄاڻندا |
15:4 | ۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نہ ڪيوسون پر (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) اُن لاءِ مقرر حڪم ڪيل ھو |
15:5 | ڪائي قوم پنھنجي مقرر مدت کان نڪي اڳرائي ڪندي ۽ نڪي پوئتي رھي سگھندي |
15:6 | ۽ (ڪافرن) چيو تہ اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي! بيشڪ تون پڪ چريو آھين |
15:7 | جيڪڏھن تون سچن مان آھين تہ اسان وٽ ملائڪ ڇو نہ آڻيندو آھين؟ |
15:8 | (اي پيغمبر!) کين چئو تہ ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نہ ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نہ مڃين تہ) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نہ ڏني ويندي |
15:9 | اسان ئي نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ئي سندس ضرور حفاظت ڪندڙ آھيون |
15:10 | ۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون |
15:11 | ۽ ڪو پيغمبر وٽن نہ ايندو ھو جو اُنھيءَ سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نہ ڪندا ھئا |
15:12 | ۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون |
15:13 | جو اُن کي نہ مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي |
15:14 | ۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا پوءِ ان ۾ سدائين مٿي چڙھندا رھن ھا |
15:15 | تڏھن بہ ضرور چون ھا تہ رڳو اسان جون منڊيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون |
15:16 | ۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريوسون |
15:17 | ۽ اُن کي ھر ڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون |
15:18 | پر جيڪو چوريءَ ڪن ڏئي تنھن جي ڪڍ چٽو اُلانبو پوندو آھي |
15:19 | ۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙياسون ۽ منجھس ھر شئي اندازي سان ڄمائي سون |
15:20 | ۽ منجھس اوھان لاءِ ۽ اُنھن لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نہ آھيو |
15:21 | اھڙي ڪا شئي آھي ئي ڪانہ جنھن جا خزانا اسان وٽ نہ ھجن اُنھن شين کي (اسين) مقرر اندازي کانسواءِ نہ لاھيندا آھيون |
15:22 | ۽ ڪڪرن کڻندڙن وائن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين (تلاون ۾) گڏ ڪرڻ وارا نہ آھيو |
15:23 | ۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين (سڀڪنھن جا) وارث آھيون |
15:24 | ۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (بہ) ڄاڻندا آھيون |
15:25 | ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين اٿاريندو، بيشڪ اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي |
15:26 | ۽ بيشڪ اسان آدم کي ڳوھيل گنديءَ وڄندڙ مٽيءَ مان بڻايو |
15:27 | ۽ ان (آدم) کان اڳ جنن کي ڄَڀيءَ واري باھ مان بڻايوسون |
15:28 | ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ آءٌ آدم کي ڳوھيل سڙيل وڄندڙ مٽيءَ مان بڻائيندڙ آھيان |
15:29 | پوءِ جڏھن کيس بڻائي برابر ڪريان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو |
15:30 | پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو |
15:31 | سواءِ ابليس جي، جنھن سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو |
15:32 | (الله) چيو تہ اي اِبليس! تو کي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نہ ٿئين |
15:33 | (ھن) چيو تہ مون کي نہ جڳائيندو آھي تہ آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي ڳوھيل گنديءَ وڄندڙ مٽيءَ مان بڻايو اٿيئي |
15:34 | (الله) فرمايو تہ اُن (بھشت) مان نڪر ڇو تہ تون تڙيل آھين |
15:35 | ۽ تو تي قيامت تائين لعنت آھي |
15:36 | (ابليس) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي |
15:37 | (الله) فرمايو تہ بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين |
15:38 | ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين |
15:39 | (ابليس) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! تو جو مون کي گمراھ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ اُنھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ ضرور سڀني کي گمراھ ڪندس |
15:40 | سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن |
15:41 | (الله) فرمايو تہ ھيءَ واٽ مون تائين سڌي آھي |
15:42 | گمراھن مان جنھن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو وس نہ آھي |
15:43 | ۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي |
15:44 | اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ اُنھن مان وراھيل ڀاڱو آھي |
15:45 | بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا |
15:46 | (کين چئبو تہ) اُنھن ۾ بي فڪرا ٿي سلامتيءَ سان گھڙو |
15:47 | ۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو اُنھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا |
15:48 | اُتي کين نڪو ٿڪ پھچندو ۽ نہ ڪي اُتان ڪڍيا ويندا |
15:49 | (اي پيغمبر!) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي تہ آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان |
15:50 | ۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي |
15:51 | ۽ (اي پيغمبر!) اُنھن کي ابراھيم جي مھمانن جي خبر ڏي |
15:52 | جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، (ابراھيم) چيو تہ اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون |
15:53 | چيائون تہ نہ ڊڄ! اسين تو کي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا |
15:54 | (ابراھيم) چيو تہ مون کي ھن ھوندي بہ مبارڪ ڏيو ٿا ڇا جو مون کي ٻڍائپ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟ |
15:55 | چيائون تہ تو کي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نااُميدن مان نہ ٿيءُ |
15:56 | (ابراھيم) چيو تہ پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نااُميد ٿيندو؟ |
15:57 | (وري) ابراھيم چيو تہ اي موڪليل (ملائڪؤ) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي |
15:58 | چيائين تہ اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون |
15:59 | لُوط جي گھراڻي وارن کانسواءِ، جن مڙني کي اسين ضرور بچائيندڙ آھيون |
15:60 | سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ طئي ڪيوسون تہ اُھا رھيلن مان آھي |
15:61 | پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا |
15:62 | (تنھن مھل لُوط) چيو تہ اوھين اوپري قوم آھيو |
15:63 | چيائون تہ (نہ) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھئا |
15:64 | ۽ تو وٽ سچ سان آيا آھيون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون |
15:65 | پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (بہ) پوئتي نہ واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو ويو اَٿوَ اُتي وڃو |
15:66 | ۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون تہ اُنھن جي پاڙ صبح ٿيندي ئي پٽي ويندي |
15:67 | ۽ شھر وارا خوشيون ڪندا آيا |
15:68 | (لُوط) چيو تہ ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون کي لڄي نہ ڪريو |
15:69 | ۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نہ ڪريوم |
15:70 | چيائون تہ تو کي ڏيھ جھان وارن (جي مھماني) کان نہ جھليو ھوسون ڇا؟ |
15:71 | (لوط) چيو تہ جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ تہ ھي منھنجون ڌيئر حاضر آھن |
15:72 | (اي پيغمبر!) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي تہ اِھي (ڪافر) پنھنجي گمراھيءَ ۾ حيران آھن |
15:73 | پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن |
15:74 | ۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو اُن جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا ڳوڙھا وساياسون |
15:75 | بيشڪ اُن ۾ عبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن |
15:76 | ۽ اِھو ڳوٺ ھميشہ (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو |
15:77 | بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن |
15:78 | ۽ ايڪہ (شھر) وارا ظالم ھئا |
15:79 | پوءِ کائن بدلو ورتوسون، ۽ (لُوطين ۽ ايڪہ وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھئا |
15:80 | ۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو |
15:81 | ۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا |
15:82 | ۽ بي فڪرا ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھئا |
15:83 | پوءِ کين صبح ٿيندي ئي ڪڙڪي (اچي) ورتو |
15:84 | پوءِ جيڪو ڪمايائون سو کائن ڪجھ بہ ٽاري نہ سگھيو |
15:85 | ۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نہ بڻايو اَٿئون، ۽ قيامت ضرور اَچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح درگذر ڪر |
15:86 | بيشڪ تنھنجو پالڻھار (وڏو) خلقيندڙ ۽ گھڻو ڄاڻندڙ آھي |
15:87 | ۽ بيشڪ تو کي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون |
15:88 | اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيون سون تن ڏانھن تون پنھنجيون اکيون کڻي نہ نھار ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجو پاسو (شفقت مان) جھڪو ڪر |
15:89 | ۽ چئو تہ بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان |
15:90 | جھڙي طرح اُنھن وراھست ڪندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون |
15:91 | جن قرآن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو |
15:92 | (تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي تہ اُنھن مڙني کان ضرور پڇنداسون |
15:93 | جيڪي ڪندا آھن تنھن بابت |
15:94 | پوءِ جيڪي تو کي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ |
15:95 | اسان تنھنجي طرفان اُنھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي |
15:96 | جي الله سان ٻيو معبود مقرر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا |
15:97 | ۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون تہ جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي |
15:98 | پوءِ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج |
15:99 | ۽ (ايستائين) پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيستائين تو کي موت پھچي |